اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي بزرگن جي روايتن کي زندهه رکندي هڪ مهذب، باڪردار ۽ باشعور قوم جي صورت ۾ اڀرنداسين، اسان هڪ اهڙو پاڪيزه معاشرو جوڙينداسين جيڪو انسانيت جي ڀلائي جو مظهر هجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين هجري سال 1447هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نئون اسلامي سال شروع ٿيڻ تي الله تعاليٰ آڏو دعاڳو آهيون ته هي هجري سال اسان سڀني جي لاءِ رحمت جو سبب بڻجي. هن چيو ته اسلامي سال جي شروعات محرم الحرام جي مهيني سان ٿئي ٿي جيڪو اسلامي تعليم موجب عزت ۽ عظمت وارن مهينن مان هڪ آهي، محرم الحرام جو مقدس مهينو اسان کي اسان جي بزرگن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي انهن حق جي رستي تي صبر ۽ استقامت ۽ اعليٰ قدرن جي فروغ جي خاطر پيش ڪيون. خاص طور تي ڪربلا جي واقعي ۽ حضرت امام حسين رضه جي شهادت جيڪا حقيقت ۾ اسلام جي فتح، اسلامي اصولن جي سربلندي ۽ ان قرباني جو ثمر آهي جنهن جي ڪري اسان جي تاريخ ۾ اهڙا جانثار پيدا ٿيندا رهيا جن سدائين حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ جڏهن مسلمان امت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، انهن واقعن ۾ اسان جي لاءِ اهو پيغام آهي جيڪي معاشرتي هم آهنگي، بين المسالڪ ڀائيچاري ۽ انسانيت جي خدمت جي لاءِ رهنما اصول فراهم ڪن ٿا. اسان کي گهرجي ته انهن ڏورس تعليمات کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي جو حصو بڻايون، محبت، ڀائيچاري ۽ شعور جو ڏيئو روشن ڪريون. هن چيو ته اچو! هن نئين هجري سال جي شروع ٿيڻ تي اسان اهو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي بزرگن جي روايتن کي زندهه رکندي هڪ مهذب، باڪردار ۽ باشعور قوم جي صورت ۾ اڀرنداسين، اسان هڪ اهڙو پاڪيزه معاشرو جوڙينداسين جيڪو انسانيت جي ڀلائي جو مظهر هجي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو دعاڳو آهيان ته هو ايندڙ سال پاڪستان سميت سڄي دنيا جي لاءِ امن ۽ استحڪام جو سال بڻائي، ڪشمير ۽ فلسطين ۾ معصوم مسلمانن تي جاري ظلم کي سدائين جي لاءِ روڪڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي مڪمل خاتمي جو سال بڻائي، منهنجي الله تعاليٰ آڏو اها به دعا آهي ته هو اسان کي قومي وحدت، گڏيل احترام ۽ اخوت جي روش اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. منهنجي دعا آهي ته پروردگار اسان جي رياستي ۽ قومي ادارن کي وڌيڪ مضبوط، موثر ۽ عوام جي خدمت جو حقيقي نمونو بڻائي، اسان جي نوجوانن کي علم ۽ هنر ۾ مهارت ۽ ڪردار ۾ بلندي عطا فرمائي ۽ پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ هڪ باوقار، پرامن ۽ ترقي يافته رياست جي طور تي سرفراز فرمائي. آمين ثم آمين.