اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروباري ماڻهن کي ماليات تائين آسان پهچ، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ مضبوط مارڪيٽ رابطن جي لاءِ مدد جي ضرورت هوندي آهي، اسان جي حڪومت ڪاروباري ماڻهن کي معيشت جي وسيع تر مينوفيڪچرنگ ۽ پيداواري حڪمت عملي ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته هر سال 27 جون مائيڪرو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايم ايس ايم ايز) جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو ته جيئن پائيدار اقتصادي ترقي ۽ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار کي تسليم ڪري سگهجي، هن سال جو عنوان ”پائيدار ترقي ۽ اختراع جي محرڪ جي طور تي مائيڪرو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن ايم ايس ايم ايز جي ڪردار کي وڌائڻ“ بجاطور تي ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته جتي معاشي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ ضروري آهي، اتي ايم ايس ايم ايز جي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان ۾ اضافو ڪرڻ جي فوري ضرورت اهي. هي ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ٿا ته معاشي ترقي جا فائدا معاشري جي سمورن طبقن ۾ وسيع پئماني تي ورڇ ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ماڻهن کي ماليات تائين آسان پهچ، جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ۽ مضبوط مارڪيت رابطن جي لاءِ مدد جي ضرورت هوندي آهي. اسان جي حڪومت ڪاروباري ماڻهن کي معيشت جي وسيع تر مينوفيڪچرنگ ۽ پيداواري حڪمت عملي ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته ان جذبي تحت سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڊيولپمينٽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي رهنمائي ۾ هڪ ٽي سالا ڪاروباري منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ ايس ايم ايز جي فنانسنگ تائين پهچ کي وڌائڻ روانگي واپار ۾ انهن جو حصو وڌائڻ ۽ نوان صنعتي موقعا پيدا ڪرڻ خاص طور تي موسمياتي لچڪ، ذيلي ڪنٽريڪٽنگ ۽ عورتن جي انٽر پرينيورشپ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. اداراجاتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ سميڊا جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي، سڄي ملڪ ۾ جديد ۽ پائيدار ايم ايس ايم اي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 5 سالن ۾ 30 بلين رپين جي ترقياتي فنڊ جو قيام ان رخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم چيو ته آئون ڪاروباري ۽ سيڙپڪار برادري کي يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت هڪ متحرڪ، ڪاروبار دوست ماحول جي تعمير جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي جنهن ۾ ايم ايس ايم ايز ترقي ڪري سگهن ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن.