اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ ۾ پ پ جي تجويزن ۽ سفارشن کي تسليم ڪرڻ تي وزيراعظم، ناڻي واري وزير ۽ حڪومتي ٽيم جو ٿورو مڃيندي چيو ته پ پ بجيٽ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ بجيٽ جي منظوريءَ ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. قومي اسيمبليءَ ۾ علي محمد خان طرفان اُٿاريل نُڪتن جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت بجيٽ جي حوالي سان پ پ جون تجويزون ۽ سفارشون مڃي ورتيون آهن، ان لاءِ اسان بجيٽ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. موجوده حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ان پروگرام کي هميشه ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ واڌ جي حوالي سان هميشه مثبت قدم کنيا آهن. هن چيو ته حڪومت پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو بار گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان به پ پ جي تجويز تسليم ڪئي آهي، هاڻ 12 لکن تائين پگهار کڻندڙن تي ٽيڪس جي شرح ۾ ڪافي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه اسان جي مطالبي تي سولر پينلز تي ٽيڪس جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ايف بي آر کي گرفتارين جا اختيار ڏيڻ جي حوالي سان پ پ جي ترميم جي به حڪومت حمايت ڪري ڇڏي آهي هاڻ گرفتاريون صرف سيلز ٽيڪس فراڊ تي ٿينديون جيڪو ضمانت نه ٿين جوڳو ڏوهه هوندو. هن چيو ته مخالف ڌر بجيٽ تي جيڪي اعتراض واريا آهن ان تي اسان مثبت سياست ڪئي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اسان حڪومت، وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير جا ٿورائتا آهيون، جن پ پ جا مطالبا تسليم ڪيا آهن.