اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو سي سي پي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چٽاڀيٽي ڪميشن جي چيئرمين وفاقي وزير کي ڪميشن جي هاڻوڪي انفورسمينٽ قدمن کان آگاهه ڪيو، خاص ڪري هائوسنگ سيڪٽر ۾ دوکن تي ٻَڌل مارڪيٽنگ خلاف ڪارراويون ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ منصفاڻي چٽاڀيٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. ميان رياض حسين پيرزاده سي سي پي جي مؤثر ڪارڪردگي خاص ڪري التوا هيٺ ڪيسن کي اُڪلائڻ، لاڳو ڏنڊ جي وصولي کي يقيني بنائڻ ۽ اهم اداره جاتي سڌارا لاڳو ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ڪميشن ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام، بين الادارتي رابطن ۽ عملي جي سگهه وڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرام ۽ ٻين سڌارن کي ساراهيو.