پيرس – 23 جون (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون خبردار ڪيو آھي ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن بعد وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ضابطي کان ٻاھر ٿي سگھي ٿي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق پيرس ۾ دفاعي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ خطاب ڪندي فرانس جي صدر چيو ته ڪو به سخت فوجي ردعمل گھربل نتيجا نه ٿو ڏئي سگھي. ھن چيو ته سفارتي ۽ فني ڳالھين جي ٻيھر شروعات ئي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جو واحد رستو آھي جنھن جي اسان سڀ ڳولا ڪري رھيا آھيون ۽ اھو مقصد ايران کي ايٽمي ھٿيارحاصل ڪرڻ کان روڪڻ آھي. فرانس جي صدر اسرائيل – ايران جنگ ۾ آمريڪا جي ملوث ھجڻ جي سڌي ريت مذمت ناھي ڪئي. پنھنجن جرمن ۽ برطانوي ھم منصبن سان گڏ ھڪ گڏيل بيان ۾ ايمانويل ميڪرون ايران تي زور ڀريو ته ھو آمريڪي حملن جي جواب ۾ وڌيڪ ڪا اھڙي ڪارروائي نه ڪري جنھن سبب خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي. ان کان اڳ پنھنجي ايراني ھم منصب مسعود پيزشڪيان سان ھڪ فون ڪال ۾ فرانس جي صدر کيس زور ڀريو ھو ته ھو ڇڪتاڻ کي گھٽ ڪري ۽ وڌ کان وڌ تحمل کان ڪم وٺي. ھن ايران کي اھو به چيو ته ايٽمي ھٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان ھٿ کڻي وڃي.