جده – 14 جون (اي پي پي) سعودي عرب ايران تي اسرائيلي حملن کانپوءِ فضائي حدن جي بندش کانپوءِ شهرين ۽ رهائشين لاءِ ٽريول ايڊوائزري جاري ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي وڏن ايئرپورٽس ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ رياض، ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ جده، ڪنگ فهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ دمام ۽ مدينه منوره جي امير محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته خطي جي اڪثر ملڪن ۾ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي فضائي حدن جي بندش سبب متاثر ٿيل مسافرن کي صلاح ڏني ٿي وڃي ته هو ايئرپورٽ وڃڻ کان اڳ پنهنجي ايئرلائنز سان سڌي ريت رابطو ڪن. اڏامن بابت تازي اپڊيٽس جي تصديق ڪنهن به غير متوقع دير يا تبديلي کان بچڻ لاءِ آهي. واضح رهي ته ايران تي اسرائيلي حملي کانپوءِ فضائي حدن جي بندش سبب متاثر ٿيل اڏامن جو رخ تبديل ڪيو ويو آهي.