اسرائيل پاران غزه جي اسڪولن، مذهبي هنڌن تي حملا ڏوهه برابر آهن: گڏيل قومن جا ماهر

گڏيل قومون -11 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي هڪ آزاد ڪميشن چيو آهي، ته غزه ۾ اسڪولن، مذهبي هنڌن ۽ ثقافتي ادارن تي اسرائيل جا حملا جنگي ڏوهه ۽ فلسطينين کي ختم ڪرڻ لاءِ انسانيت خلاف ڏوهه جي برابر آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي والاريل فلسطيني علائقن جي آزاد عالمي تحقيقاتي ڪميشن هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي، ته اسرائيل غزه جي تعليمي نظام ختم ۽ غزه …

گڏيل قومون -11 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي هڪ آزاد ڪميشن چيو آهي، ته غزه ۾ اسڪولن، مذهبي هنڌن ۽ ثقافتي ادارن تي اسرائيل جا حملا جنگي ڏوهه ۽ فلسطينين کي ختم ڪرڻ لاءِ انسانيت خلاف ڏوهه جي برابر آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي والاريل فلسطيني علائقن جي آزاد عالمي تحقيقاتي ڪميشن هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي، ته اسرائيل غزه جي تعليمي نظام ختم ۽ غزه جي پٽي ۾ سمورن مذهبي ۽ ثقافتي هنڌن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪميشن اسرائيل جي فوج تي تعليمي مرڪزن تي حملن ۾ ”شهرين خلاف حملن ۽ ڄاڻي واڻي قتل سميت جنگي ڏوهه“ جي مرتڪب هجڻ جا الزام لڳايا جنهن سان شهري فوت ٿيا. جيئن ته ثقافتي ملڪيتن تعليمي سهولتن سميت جي تباهي پاڻ مرادو نسل ڪشي جو عمل ناهي پر رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرز عمل جي شاهدين تي ڪنهن محفوظ گروهه کي تباهه ڪرڻ لاءِ نسل ڪشي جي ارادي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪميشن جي سربراهه ناوي پلي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ اهڙا اشارا ملي رهيا آهن، ته اسرائيل غزه ۾ فلسطينين جي زندگين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل مهم هلائي رهيو آهي. ٽه رڪني ڪميشن چيو ته اسرائيلي حملن ۾ مذهبي هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي پناهه گاهن جو ڪم ڏيندا هئا، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا. اها ڪميشن گڏيل قومن اسرائيل جي قبضي هيٺ فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي قانونن جي ڀڃڪڙين جي جاچ لاءِ قائم ڪئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسرائيلي اختيارين غزه جي شهري آبادي لاءِ ڳڻتي يا انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندڙ اسرائيلي ۽ فلسطيني استادن ۽ شاگردن کي ڊيڄاري ڌمڪائي ڪيترين ئي صورتن ۾ حراست ۾ ورتو آهي. ڪميشن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو ثقافتي، مذهبي ۽ تعليمي ادارن تي حملا بند ڪري، فلسطيني سر زمين تي پنهنجو غيرقانوني قبضو فوري ختم ڪري ۽ آبادڪاري جون سموريون سرگرميون بند ڪري. اهو به پڻ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حڪومت عالمي انصاف واري عدالت جي حڪم ڪيل عارضي قدمن جي مڪمل تعميل ڪري جن سان اسرائيل جو ”غزه ۾ ماڻهن خلاف نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ سڌي ريت ۽ عوامي چڙ کي روڪڻ ۽ ان تي سزا ڏيڻ“ ۽ انساني امداد جي داخلا جي اجازت ڏيڻ ضروري آهي.