مڪه مڪرمه-06 جون (اي پي پي) سعودي جي شماريات کاتي واري اداري چيو آهي ته هلندڙ سال 16 لک 73 هزار 230 ماڻهن حج جو فرض ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي جي شماريات کاتي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال 16 لک 73 هزار 230 ماڻهن حج جو فرض ادا ڪيو، ملڪ ۽ پرڏيهه مان ايندڙ حاجي پانڌيئڙن ۾ مردن جو انگ 8 لک 77841، جڏهن ته عورت پانڌيئڙن جو انگ 7 لک 95389، جڏهن ته پرڏيهه مان آيلن ۾ فضائي رستي 14 لک 35017، زميني رستي 66465، جڏهن ته سامونڊي رستي 5094 حاجي پانڌيئڙا سعودي عرب پهتا. واضح رهي ته گذريل سال 1.8 ملين حاجين حج جو فرض ادا ڪيو، ان مان 1.6 ملين پرڏيهه مان آيا هئا.