واشنگٽن – 4 جون (اي پي پي ) دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪندي ٽيڪس ۽ خرچ بابت بل کي “ شرمناڪ “ قدم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته هو معذرت چاهي ٿو پر وڌيڪ اهو برداشت نٿو ڪري سگهي . هن چيو بل جي حق ۾ ووٽ وجهندڙن تي افسوس آهي، انهن کي خبر آهي ته هنن غلط ڪيو . ايڪس تي هڪ ٻي پوسٽ ۾ ايلون مسڪ ايوان جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪانگريس آمريڪا جو ڏيوالو ڪڍي رهي آهي. ايلون مسڪ صدر ٽرمپ جي انتظاميه ۾ 129 ڏينهن ڪم ڪرڻ بعد گذريل هفتي عليحدگي اختيار ڪئي هئي جنهن بعد هن پهريون ڀيرو حڪومتي پاليسي خلاف سخت بيان ڏنو آهي . واضع رهي ته ٽيڪس ۽ خرچ بابت بل نمائندن واري ايوان مان منظوري بعد هن وقت سينيٽ ۾ بحث هيٺ آهي.