انقره – 3 جون (اي پي پي)ترڪيه ۾ 5.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ترڪيه جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايجنسي ٻڌايو آهي ته اڱاري ڏينهن روم سمنڊ جي سامونڊي علائقي مار مرس ۾ 5.8 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ گهرن مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش دوران 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڊزاسٽر ايمرجنسي مينيجمينٽ پريزيڊنسي چيو آهي ته زلزلي جو مرڪز روم سمنڊ ۾ هو. مارمارس جي گورنر ٻڌايو ته تڪڙ ۾ گهرن جي درين مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪري 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن پر فوري طور تي ڪنهن وڏي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو.