تهران-02 جون (اي پي پي) ايران چيو آهي ته يورينيم جو رچاءُ نه رڳو ايران جو بنيادي حق آهي پر اهو ملڪ جي ايٽمي پروگرام جو جز ۽ ريڊ لائن آهي جنهن تي ٺاهه ممڪن ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي ايٽمي توانائي جي اداري جي سربراهه محمد اسلامي گذريل ڏينهن هڪ ٽيليويزن انٽرويو دوران چئي. هن واضح ڪيو ته يورينيم جو رچاءُ نه رڳو ايران جو بنيادي حق آهي، ان حق کان ايران کي محروم ڪرڻ يا ان ۾ مداخلت جي ڪنهن به ملڪ کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ايران ۾ ايٽمي سرگرميون هڪ مقرره دائري ۾ عالمي ضابطن ۽ گهرجن کي نظر ۾ رکندي انجام ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته رچاءَ کان سواءِ ٻارڻ جو مڪمل سائيڪل ممڪن ناهي ۽ نه ئي جديد تحقيق اڳتي وڌي سگهي ٿي. هن چيو ته اهو هڪ اهم مرحلو آهي جنهن جو ڪو به متبادل ناهي.