ابوظهبي -02 جون (اي پي پي) نيويارڪ يونيورسٽي ابوظهبي (اين واءِ يو اي ڊي) جي سائنسدانن جي ٽيم هڪ خاص ڪاغذ تي ٻڌل سڃاڻپ وارو اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو بنا ڪنهن ليباريٽڙي اوزار يا ماهر جي ڪووڊ-19 ۽ ٻين ڪيترن ئي مرضن جي سڃاڻپ صرف 10 منٽن ۾ ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اوزار جنهن کي ”ريڊيللي ڪمپارٽمينٽلائيزڊ پيپر چپ (آر سي پي-چپ) جو نالو ڏنو ويو …
نيويارڪ يونيورسٽي ابوظهبي جي سائنسدانن جي نئين ايجاد، ڪاغذ تي ٻڌل ٽيسٽ مان 10 منٽن ۾ ڪووڊ-19 جي سڃاڻپ ممڪن
ابوظهبي -02 جون (اي پي پي) نيويارڪ يونيورسٽي ابوظهبي (اين واءِ يو اي ڊي) جي سائنسدانن جي ٽيم هڪ خاص ڪاغذ تي ٻڌل سڃاڻپ وارو اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو بنا ڪنهن ليباريٽڙي اوزار يا ماهر جي ڪووڊ-19 ۽ ٻين ڪيترن ئي مرضن جي سڃاڻپ صرف 10 منٽن ۾ ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اوزار جنهن کي ”ريڊيللي ڪمپارٽمينٽلائيزڊ پيپر چپ (آر سي پي-چپ) جو نالو ڏنو ويو آهي، ايڊوانسڊ مائيڪرو فلوئڊڪس اينڊ مائيڪرو ڊوائسز ليباريٽري (ايم ليب) ۾ تيار ڪيو ويو آهي. اهو نظام ڪيترن ئي مرضن جي فوري، سستي ۽ چر پر جوڳي جاچ لاءِ هڪ اثرائتو حل فراهم ڪري ٿو. ان اوزار جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي دوا جي هڪ ڦڙي ذريعي وائرس جي جينياتي مواد جي نهايت معمولي ذرڙن جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ واضح رنگ جي تبديلي ذريعي نتيجو ظاهر ٿيندو آهي. ان جي ڪارڪردگي لاءِ نه ته بجلي گهربل آهي ۽ نه ئي ڪا پيچيده مشينري، صرف 65 ڊگري سيلسيئس جي معمولي گرمي پد (گرم پاڻي جي گرمي پد جي برابر) ئي ڪافي هوندي آهي. اها تحقيق سنگل ليئر ريڊيللي ڪمپارٽمينٽلائيزڊ پيپر چپ (آر سي پي چپ) فار ريپڊ آئيزو ٿرمل ملٽي پليڪسيڊڊ ٽيڪسن آف سارس ڪووڊ 2 جين ٽارگيٽس جي عنوان سان هڪ سائنسي مقالي ۾ شايع ٿي آهي. جيڪو جرنل، ايڊوانسڊ سينسر ريسرچ ۾ شايع ٿيو. ان تحقيق ۾ ان اوزار جي تياري ۽ جاچ جا تفصيل بيان ڪيا ويا آهن جيڪو گهٽ وسيلن وارن علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين جي تيز رفتار سڃاڻپ لاءِ انقلابي پليٽ فارم طور ڪم ڪندو.












