دبئي -31 مئي (اي پي پي) دبئي پوليس فقيرن (پنڻ وارن) جي منظم گروپ جي 41 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڪارروائي جنرل ڊپارٽمينٽ آف ڪرمنل انويسٽيگيشن تحت المصباح جي عنوان سان شروع ڪيل ٽارگيٽڊ سيڪيورٽي آپريشن جو حصو آهي. دبئي پوليس جو چوڻ آهي ته گروپ جا سمورا ماڻهو هڪ ئي هوٽل ۾ رهندڙ هئا جنهن کي هو منظم طريقي سان پنڻ وارين سرگرمين لاءِ ٺڪاڻي طور استعمال ڪندا هئا.سندن قبضي مان 60 هزار درهم هٿ ڪيا ويا آهن. ڪال سينٽر 901 تي ملندڙ هڪ اطلاع ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪجهه ماڻهو نماز جي تسبيح ۽ ٻين شين جي وڪري دوران پنندي نظر آيا آهن. ان اطلاع تي مانيٽرنگ اينڊ اينالسز سيڪشن انهن هنڌن جي نگراني شروع ڪئي. 3 عرب شهرين کي شين جي وڪري ۽ ماڻهن کان خيرات گهرندي ڏٺو ويو. کين موقعي تي حراست ۾ ورتو ويو. جاچ دوران جوابدارن هڪ منظم گروپ جو حصو هئڻ جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو وزٽ ويزا تي امارات ۾ داخل ٿيا ۽ هڪ هوٽل ۾ رهيل آهن.