مڪو شريف -31 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي الحرمين شريفين معاملن واري اداري جي ديني معاملن واري شعبي حج جو خطبو 35 ٻولين ۾ ترجمي لاءِ هڪ اهم قدم جي شروعات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ديني معاملن واري سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس چيو آهي ته الحرمين الشريفين مان اسلام جي ڀائيچاري ۽ اعتدال پسندي جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائڻ لاءِ 35 عالمي ٻولين ۾ حج واري خطبي جي ترجمي جو انتظام ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اسلام جي اعتدال پسندي واري پيغام کي دنيا ۾ ڦهلائڻ لاءِ خطبئه عرفات جي پڻ مختلف ٻولين ۾ ترجمي جون تياري مڪمل ڪيون ويون آهن. حرمين انتظاميه تحت ديني معاملن واري انتظاميه چيو آهي، ته مسجد الحرام جو امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر صالح بن عبدالله بن حميد عرفه جي ڏهاڙي جو خطبو ڏيندو. ياد رهي ته حج 2025ع ۾ شيخ ڊاڪٽر صالح بن حميد خطبو ڏيندو. اها ذميواري کيس شاهي ايوان طرفان ڏني وئي آهي.