واشنگٽن-30 مئي (اي پي پي) ناليواري آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ڪائونسل آن فارن رليشنز انڪشاف ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جو اثر رسوخ تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته چين خطي ۾ مضبوط سفارتي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ پوزيشن حاصل ڪري چڪو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ڪائونسل آن فارن رليشنز هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هٿان جنگ ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نه رڳو عسڪري محاذ تي شڪست کاڌي پر پنهنجي سفارتي محاذ تي به مسلسل ناڪامين ۾ ورتل آهي، رپورٽ موجب خطي ۾ ڀارت جي هڪ هٽي ختم ٿي آهي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪ هاڻي نئين قيادت ۽ حصيدارن ڏانهن مائل ٿي چڪا آهن. خاص طور تي چين جي سمارٽ ڊپلوميسي ۽ وسيع سيڙپڪاري ڀارت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. سي ايف آر موجب بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا ۽ مالديپ جهڙا ڀارت جا ويجها اتحادي هاڻي چين سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪري چڪا آهن، مالديپ ۾ انڊيا آئوٽ تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ نئين حڪومت واضح طور چين سان دوستي کي ترجيح ڏني. نيپال جي ڪميونسٽ حڪومت کلي چين جي حمايت ڪئي ۽ ڀارت کي نظرانداز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سريلنڪا جي صدر چين جي معيشت کي رول ماڊل قرار ڏنو جيڪو ڀارت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. بنگلاديش ۾ عوامي سطح تي ڀارت مخالف جذبن ۾ واڌارو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ تسليم ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين خطي جي اڀرندڙ طاقتن طور نمايان ٿي رهيا آهن، چين جون اقتصادي سرگرميون ۽ انفرا اسٽرڪچر منصوبا خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو خطي ۾ هڪ نئون توازن قائم ڪري ڇڏيو آهي. سي ايف آر جي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارتي هڪ هٽي هاڻي ماضي جو قصو بڻجندو پيو وڃي، چين جي حڪمت عملي، سيڙپڪاري ۽ علائقائي اتحادن مودي حڪومت جي سفارتي اڪيلائي کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو آهي.