اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته بجلي جي صارفين لاءِ هڪ سال جي مُدي ۾ بجلي جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. 200 يونٽن کان گهٽ صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 57 سيڪڙو، صنعتي صارفين لاءِ 31 سيڪڙو ۽ زرعي صارفين لاءِ ٽيرف 20 سيڪڙو گهٽ ٿيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران طاهره اورنگزيب جي سوال تي وفاقي وزير ايوان کي ٻُڌايو ته اسان جي مجموعي صارفين جو انگ 3 ڪروڙ 90 لک جي لڳ ڀڳ آهي، ان مان هڪ ڪروڙ 80 لک صارفين 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا، انهن صارفين لاءِ بجليءَ جي قيمتن ۾ تقريبن 57 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. صنعتي صارفين لاءِ ٽيرف ۾ 31 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب صنعتن جي طلب ۾ واڌ ٿي آهي. صرف فيصل آباد ۾ صنعتن لاءِ بجليءَ جي طلب ۾ 35 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هيءَ حڪومت جي بهتر پاليسيءَ جو نتيجو آهي. هن چيو ته پهرين زرعي صارفين کي سبسڊي ڏني ويندي هئي، اها سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏني، جنهن سبب زرعي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. حڪومت آءِ پي پيز سان 3.5 هزار رپين جا معاهدا ڪيا، ان رقم کي ايڊجسٽ ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جو فائدو به صارفين کي پهچايو ويو، جيڪڏهن اهو رجحان جاري رهيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان خطي ۾ سڀ کان بهتر چٽاڀيٽي واري بجلي فراهم ڪندڙ ملڪ بنجي ويندو. هن چيو ته هن وقت ايندڙ ٽن سالن لاءِ 7 هزار ميگاواٽ واڌو بجلي موجود آهي. حڪومت 21 کان 22 رپيا في يونٽن تائين بجلي جي فراهميءَ لاءِ تيار آهي. ناڻي واري وزارت ترقياتي حصيدارن سان ان حوالي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ان تي سبسڊي جا خرچ به نه ايندا. شاهده رحماني جي ضمني سوال تي هن چيو ته ڪراس سبسڊي موجود آهي پر اسان مڊل ڪلاس لاءِ به ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. 200 کان وٺي 300 يونٽن تائين صارفين لاءِ قيمتن ۾ 20 سيڪڙو ۽ 300 کان 400 يونٽن تائين صارفين لاءِ ٽيرف ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ريجن ۾ وڌيڪ نقصان وارن فيڊرزتي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. رانا محمد حيات جي ضمني سوال تي چيو ته اڳ ۾ زرعي سبسڊي جو ڳاڻيٽو 50 کان وٺي 60 ارب رپين تائين هو، جڏهن ته فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ مان حاصل ٿيندڙ شعبي ۾ زرعي شعبي کي به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب آبادگارن لاءِ بجليءَ جي قيمت 20 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته صوبن وچ ۾ اڻبرابريءَ واري سلوڪ تي يقين نٿا رکون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان گذريل سال ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، وڌيڪ نقصان وارن فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو وقفو ان شرط تي گهٽ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته وڏي وزير خاطري ڪرائي ته هو ميٽرز به لڳرائيندو ۽ ريڪوري به ڪرائيندو، اسان 4 ارب رپين جو نقصان ڪيو پر وڏي وزير ڪوبه قدم نه کنيو. شگفته جماڻيءَ جي ضمني سوال تي هن چيو ته نيپرا جي رولز موجب لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي. وولٽيج بابت مسئلا ريگيوليٽري اٿارٽي ڏسي ٿي، ماڻهن جي تڪليف کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نو گو ايريا ۽ محدود رٽ وارن علائقن جي حوالي سان اسان موجوده حڪومتن کي خط لکڻ کان علاوه ريڪوري لاءِ آفيسرن کي ترغيبون پڻ ڏنيون پر ان جو ڪوبه فائدو نه ٿيو.