اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ امن جي لاءِ قائداڻو ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي اسان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا پاران مسئلي جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا ادا ڪري ٿو، جنهن کي اسان خطي جي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ قبول ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جا پڻ ٿورا ادا ڪريون ٿا جن ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته هي هڪ نئين شروعات آهي، جنهن سان انهن مسئلن جي حل جي راهه هموار ٿيندي جيڪي خطي کي وڏي عرصي کان متاثر ڪري رهيا آهن ۽ امن، خوشحالي ۽ استحڪا جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن.