اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2008ع جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد جو هڪ ناقابل فراموش ۽ تاريخي ڏينهن آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي جمهوريت، عوامي حقن ۽ روشن مستقبل جي اميد جو پيغام آهي. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب سينيٽر …
سينيٽر شيري رحمان پاران ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2008ع جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد جو هڪ ناقابل فراموش ۽ تاريخي ڏينهن آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي جمهوريت، عوامي حقن ۽ روشن مستقبل جي اميد جو پيغام آهي. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جون قربانيون عظيم آهن، عوام جي بالادستي ۽ آئيني حقن جي جدوجهد ۾ انهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. شيري رحمان وڌيڪ چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سمورين قربانين ۽ ڏکيائين باوجود جمهوريت لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو عزم اڄ به اڻٽر آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جهموري ويزن کي مڪمل ڪرڻ، عوام جي حقن جي تحفظ ۽ آئين جي بالادستي اسان جي سياسي جدوجهد جو بنياد آهي.










