اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ”ڊجيٽل اينڊ اي آءِ ڪمپيڪٽ“ تي صحيحون ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا اهم سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪوريا رواني ٿي وئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب شزا فاطمه خواجا ڏکڻ ڪوريا ۾ ”گلوبل اينڊ ڊجيٽل سمٽ 2026ع“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. وفاقي وزير آءِ ٽي …
وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا ڏکڻ ڪوريا رواني، پاڪستان ”ڊجيٽل اينڊ اي آءِ ڪمپيڪٽ “ تي صحيحون ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ”ڊجيٽل اينڊ اي آءِ ڪمپيڪٽ“ تي صحيحون ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا اهم سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪوريا رواني ٿي وئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب شزا فاطمه خواجا ڏکڻ ڪوريا ۾ ”گلوبل اينڊ ڊجيٽل سمٽ 2026ع“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. وفاقي وزير آءِ ٽي سمٽ دوران ”آءِ ٽي اينڊ ڊجيٽل منسٽريل ميٽنگ“ ۾ شرڪت ڪندي. اجلاس دوران پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل شموليت تي ترجيحي ڳالهيون ڪيون وينديون. دوري دوران وفاقي وزير جي گوگل جي نائب صدر ولسن ايل وائيٽ سان ٻه طرفي اهم ملاقات ٿيندي. بعد ۾ شزا فاطمه خواجا ورلڊ بينڪ جي نائب صدر وسمان ديون سان پڻ ملاقات ڪندي. جڏهن ته وفاقي وزير عالمي سطح تي انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل سهولتن جي برابر فراهمي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ اهم اجلاسن ۾ خيالن جو اظهار ڪندي.









