صدر پاران بلوچستان ۾ ٽن مختلف انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 08 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ڪوئيٽا، نوشڪي ۽ خضدار ضلعن ۾ ٽن مختلف انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 08 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جي علائقي پنجپائي ۾ مقامي ٽرئفڪ ۾ خلل وجهڻ جي …

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ڪوئيٽا، نوشڪي ۽ خضدار ضلعن ۾ ٽن مختلف انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 08 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جي علائقي پنجپائي ۾ مقامي ٽرئفڪ ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. صدر نوشڪي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف موثر ڪارروائي ۽ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خضدار ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ ۽ 490 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو برآمد ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي جي واکاڻ ڪئي. صدر چيو ته دهشتگردن جي غيرمُلڪي سرپرستن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو.

مزید خبریں