بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش

ڪراچي/ اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جي  شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپسي تي دهشتگردي ذريعي کيس نشانو بڻائڻ جي بزدلاڻي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته هن جي استقبال لاءِ آيل جيالن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري …

ڪراچي/ اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جي  شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپسي تي دهشتگردي ذريعي کيس نشانو بڻائڻ جي بزدلاڻي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته هن جي استقبال لاءِ آيل جيالن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري پنهنجي قائد جي حفاظت ڪئي ۽ جمهوريت ۽ عوام جي حق حڪمراني سان پنهنجي پختي وابستگي جو بي مثال عملي ثبوت ڏنو. ڇنڇر ڏينهن ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان مطابق پي پي پي چيئرمين چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جو رت گواهي ڏئي ٿو ته دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ تشدد جمهوريت جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن،  ڪارساز  سانحي جي شهيدن جون قربانيون قومي تاريخ جا اهڙا روشن باب آهن، جنهن کي قوم هميشه ياد رکندي. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو مشن آئين جي بالادستي، عوام جي حڪمراني، برابري، سماجي انصاف ۽ هڪ پرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جي تعمير آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي اهڙي مشن تي ڪاربند رهندي جمهوري ادارن جي استحڪام، آئين جي تحفظ ۽ عوام جي حقن جي پاسداري لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪندي چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد جمهوريت، ثابت قدمي ۽ قرباني جي ان عهد جي تجديد آهي جنهن کي ايندڙ نسلون به مشعل راهه بڻائينديون، انهن جون قربانيون هميشه ان عزم جي ياد ڏيارينديون رهنديون ته عوام جي حڪمراني ۽ جمهوري قدمن جي تحفظ جي جدوجهد جاري رهندي.