اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. بي آءِ ايس پي مان آچر ڏينهن جاري پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن عوام جي خدمت، عورتن کي با اختيار بڻائڻ ۽ محروم طبقن جي …
ڪارساز سانحي جي شهيدن جو مشن جمهوريت، امن ۽ عوامي خدمت ذريعي اڳتي وڌڻ هو: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. بي آءِ ايس پي مان آچر ڏينهن جاري پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن عوام جي خدمت، عورتن کي با اختيار بڻائڻ ۽ محروم طبقن جي ڀلائي آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي مستحق عورتن جي معاشي خودمختياري ۽ باوقار زندگي لاءِ ڪوشان آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي مطابق عورتن کي با اختيار بڻائڻ ۽ غريب خاندانن کي سهارو ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جو مشن جمهوريت، امن ۽ عوامي خدمت ذريعي اڳتي وڌڻ هو، شهيدن جون قربانيون اسان کي عزم، حوصلي ۽ عوامي خدمت جي رستي تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏين ٿيون.










