آمريڪي صدر روس خلاف اڪثر پابندين تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

واشنگٽن- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس خلاف اڪثر پابندين تي عملدرآمد، انهن پابندين جي لاڳو ٿيڻ کان صرف 2 ڏينهن اڳ روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سان ظاهر طور تي آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ يوڪرين جي صدر وچ ۾ اختلافن ۾ شدت جو اشارو ملي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس خلاف انهن پابندين جي منظوري آمريڪي ڪانگريس ڏني هئي ۽ سيپٽمبر ۾ صدر ٽرمپ ان کي …

واشنگٽن- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس خلاف اڪثر پابندين تي عملدرآمد، انهن پابندين جي لاڳو ٿيڻ کان صرف 2 ڏينهن اڳ روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سان ظاهر طور تي آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ يوڪرين جي صدر وچ ۾ اختلافن ۾ شدت جو اشارو ملي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس خلاف انهن پابندين جي منظوري آمريڪي ڪانگريس ڏني هئي ۽ سيپٽمبر ۾ صدر ٽرمپ ان کي قانوني شڪل ڏني هئي. جڏهن ته آمريڪي صدر هڪ ايگزيڪٽو آرڊر جاري ڪندي چيو ته ان ۾ اڪثر پابندين جي معطلي آمريڪا جي قومي مفاد ۾ آهي. ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر چيو ته روس خلاف پابندين کي مڪمل طور نظر انداز ڪرڻ آمريڪي فيصلو افسوسناڪ آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته اها معطلي 60 ڏينهن لاءِ هوندي جنهن جو مقصد عالمي معيشت تي ان جي اثرن جو جائزو وٺڻ آهي. انهن نئين پابندين جو هدف روسي معيشت هئي جنهن تحت ٽرمپ کي اهي وسيع اختيار ڏنا ويا هئا ته هو روسي تيل ۽ گيس خريد ڪندڙ پنج وڏن خريدارن خاص ڪري چين ۽ ڀارت کان آمدني واپار تي 100 سيڪڙو تائين ٽيڪس لاڳو ڪري سگهي. ان قانون ۾ روس جي صدر سميت روس جي اعليٰ شخصيتن، روسي مالياتي ادارن ۽ ماسڪو جي شيڊو فليٽ خلاف پابنديون به شامل هيون، جيڪي موجوده پابندين کان بچڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بحري جهازن تي ٻڌل آهن.