اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ فضائي بندش جي خاتمي سان ئي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن( پي آءِ اي) جو فلائٽ آپريشن بحال ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. پي آءِ اي ترجمان عبدالله حفيظ خان چيو آهي ته پي آءِ اي جي پيرس کان اسلام آباد اڏام پي ڪي 750 جيڪا صبح سوير ڪوئيٽا پهتي هئي، رات 9 وڳي اسلام آباد واپس روانو ٿيندي، پي آءِ اي جو ٻيو آپريشن به رات 10 وڳي کان بحال ٿي ويندو ۽ سموريون رڪيل يا دير جو شڪار اڏامون آپريٽ ٿينديون. ترجمان چيو ته اهي مسافر جيڪي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا هئا يا اهي جن کي هوٽلن ۾ ترسايو ويو هو انهن سان رابطو ڪري کين واپس ايئرپورٽ گهرايو پيو وڃي. جهاز ۽ ٻين سازو سامان جيڪو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو هو ان کي واپس آپريشن ايريا ۾ آندو پيو وڃي. ترجمان چيو ته فضائي بندش ۽ آپريشن متاثر ٿيڻ سبب جن مسافرن کي تڪليف پهتي انهن سان معذرت ڪريون ٿا، پر حالتن کي نظر ۾ رکندي احتياط گهڻو ضروري هو.