اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارت جارحيت ۾ اڳرائي ڪئي، پاڪستان صرف پنهنجي دفاع ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي، ڀارت کي پاڻ ئي پوئتي هٽڻو پوندو، ڀارت اسان جي شهري آبادي کي نشانو بڻايو جڏهن ته اسان اخلاقيات ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي ڀارت جي شهري آبادي تي حملو ناهي ڪيو، صرف ڀارتي عسڪري ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان نه جارح آهي نه ئي اشتعال انگيز، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، ڀارت رات جي اونداهي ۾ پاڪستان جي شهري آبادي تي حملو ڪيو جنهن ۾ معصوم ٻارن، عورتن ۽ بي گناهه شهرين کي شهيد ڪيو ويو جن جو ڪنهن تڪرار سان ڪو به تعلق نه هو. وفاقي وزير چيو ته گذريل رات ڀارت اسان جي عڪسري ٺڪاڻن ويجهو ڪارروائي ڪئي. پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي جوابي ڪارروائي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪندي ڀارت جي شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو. اسان صرف انهن جي عسڪري ٺڪاڻن، عسڪري ساز ۽ سامان، ريڊار ۽ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ڇاڪاڻ ته هي اسان جي جنگي اخلاقيات جو حصو آهي، اسان جنگ ۾ به اصولن جي پاسداري ڪريون ٿا. ڀارت طرفان اهو الزام ته پاڪستان 400 ڊرونز مختلف ڀارتي شهرن، مذهبي ماڳن ۽ شهري علائقن ڏانهن موڪليا، جي سختي سان ترديد ڪندي وفاقي وزير چيو ته اهي بي بنياد دعوائون آهن جن جو مقصد اصل صورتحال تان ڌيان هٽائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته گذريل رات اسان کي اهي رپورٽون به مليون ته ڀارت طرفان ڪجهه ميزائل امرتسر تي به فائر ڪيا ويا جتي سک اقليت آباد آهن. هن چيو ته سک برادري اسان جي ويجهو آهن، پاڪستان ۾ ننڪانه صاحب، پنجه صاحب ۽ ڪرتار پور جهڙا سک برادري جا مقدس ماڳ آهن جن جو تحفظ اسان ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پهلگام جو علائقو لائن آف ڪنٽرول کان اٽڪل 200 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻ چيو ته اسان ان واقعي جي غير جانبداراڻي ۽ شفاف تحقيقات ۾ تعاون لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پهلگام واقعي جي ذميواري ڪنهن به تنظيم قبول ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڀارت ان باري ۾ ڪي ثبوت فراهم ڪيا. ان واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جو ڪو به ثبوت موجود ناهي. هن چيو ته پهلگام واقعي جي صرف 10 منٽن کانپوءِ ڀارتي پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي ۽ واقعي واري هنڌ تي پوليس ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ پهتي، اسان چئي رهيا آهيون ته ان واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن حقيقتون سامهون اچن. هن چيو ته جڏهن والاريل ڪشمير ۾ 7 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اهڙا حملا ٿي وڃن؟ جڏهن ايڏي وڏي فوج موجود هجي ۽ پوءِ پهلگام جهڙو واقعو ٿي وڃي ته اها ڀارت جي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ناڪامي آهي. اسان جاچ جي آڇ ڪئي پر ڀارت ڪنهن به قسم جو ثبوت فراهم نه ڪيو ۽ پوءِ ان واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسان دهشتگردي خلاف پهرين صف جي رياست آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ پاڪستان وڏي صبر جو مظاهرو ڪيو اسان چئن ڏينهن تائين ضبط کان ڪم ورتو پر ڀارت اسان جي شهري آبادي تي بنا جواز حملا جاري رکيا، اسان صرف پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو. ڀارت جيئن ته حملو ڪندڙ آهي، ان لاءِ پوئتي به ڀارت کي هٽڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي تي ڪي به ثبوت فراهم ناهن ڪيا ۽ نه ئي اسان جي شهري آبادي تي حملن جو جواز فراهم ڪيو. ڀارت عورتن ۽ ٻارن تي حملا ڪيا، اسان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو، هاڻي ڀارت تي آهي ته هو حالتن کي بهتر ڪري ڇاڪاڻ ته ڇڪتاڻ جي شروعات ڀارت ڪئي، اسان صرف پنهنجو دفاع ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آمريڪا، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن سان سفارتي رابطا ڪيا، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سعودي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير به پاڪستان جي دوري تي موجود هو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت کان ڪنهن به قسم جو سڌي ريت رابطو ناهي ٿيو جيڪڏهن ڪا تازي اڳڀرائي ٿي ته فوجي ترجمان جلد ان کان آگاهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان جي فوج لائن آف ڪنٽرول تي دفاعي پوزيشن ۾ موجود آهي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان الرٽ تي آهي ڇاڪاڻ ته ڀارتي حملا مسلسل ٿي رهيا آهن، اسان جيڪو به قدم کنيو اهو پنهنجي دفاع ۾ کنيو.