اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) اسلام آباد ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه علائقن ۾ ڇنڇر ڏينهن 5.3 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جڏهن ته هاڻي تائين ڪنهن به نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. زلزلو ماپيندڙ مرڪز مطابق (اين ايس ايم سي) زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش جي علائقي ۾ لڳ ڀڳ 230 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي ته هو. زلزلي جا لوڏا اسلام آباد، سوات، صوابي، نوشهره، اٽڪ ۽ خيبر پختونخوا جي ٻين علائقن سميت مختلف علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا. زلزلي کانپوءِ ماڻهو خوف مان ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن، آفيسن ۽ عمارتن کان ٻاهر نڪري آيا.