اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪندي ڀارتي جارحيت تي پاڪستان طرفان آپريشن بنيان المرصوص جي صورت ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي جي حمايت تي بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق پيپلز پارٽي چيئرمين تازي ڇڪتاڻ ۾ ملڪ ۽ قوم جي مثالي قيادت ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته ملڪي سلامتي جي تحفظ لاءِ سڄي قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.