اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آهي، بيگناهن شهيدن جي رت جو بدلو ورتو ويو آهي، اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، ملڪ جي سياسي قيادت سميت پوري قوم کي ڪامياب آپريشن تي مبارڪون ڏيان ٿو. وزير اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، جميعت علماء اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، امير جماعت اسلامي حافط نعيم الرحمان، بلوچستان عوامي پارٽي جي سربراهه خالد حسين مگسي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري سالڪ حسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم سياسي اڳواڻن کي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ پاڪستان پاران ڀارت خلاف جوابي ڪارروائي جي سلسلي ۾ اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو اڄ مربوط ۽ طاقتور طريقي سان جواب ڏنو آهي، ڀارت پاڪستان تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا، جڏهن ته ڀارت جي جارحاڻن قدمن باوجود پاڪستان انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ پاڪستان حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ غيرجانبداراڻي جاچ لاءِ چيو جنهن کي ڀارت رد ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڇنڇر ڏينهن صبح جو ٻيهر ڀارت نور خان ايئر بيس ۽ ٻين هنڌن تي ميزائيل سان حملا ڪيا، ڀارتي حملن ۾ بيگناهه معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. ڀارت جي هڪٻئي پويان ڪيل ڪارروائين جو اسان جي بهادر فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان آپريشن ”بنيان المرصوص“ وسيلي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جي فوجي ٺڪاڻن کي خاص طور تي نشانو بڻايو، جتان کان پاڪستان تي حملا ڪيا ويا هئا، اڄ اسان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي بيگناهه شهيدن جي رت جو بدلو وٺي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، مان سياسي اڳواڻن سميت پوري قوم کي ڪامياب آپريشن تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان ڀارت جي پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ملڪ جي سياسي اڳواڻن پاڪ فوج جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وزيراعظم کي هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي سهڪار ۽ يڪجهتي جو يقين ڏياريندي چيو ته وطن جي دفاع لاءِ اسان جي بهادر فوج جون مهارتون تعريف جوڳيون آهن. وزيراعظم ملڪي سياسي قيادت کي واضح لفظن ۾ ساٿ ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو.