راولپنڊي-10مئي (اي پي پي)پاڪ فوج ڀارت خلاف جاري آپريشن ”بنيان مرصوص“ (شيهي جي ديوار) ۾ هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. سکن، پاڪستان ۽ افغانستان تي ميزائيل فائر ڪندڙ ڀارتي آدم جي ايئر بيس کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب آدم پور ايئر فيلڊ اها ايئر فيلڊ آهي، جتان امرتسر ۾ سکن تي، پاڪستان ۽ افغانستان تي ميزائيل فائر ڪيا ويا هئا. ان ايئر فيلڊ کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان طرفان ڀارت ۾ سائبر حملي ذريعي 70 سيڪڙو بجلي جي گرڊ اسٽيشنن کي ناڪاره بڻايو ويو آهي. گرڊ گرڊ اسٽيشنون ناڪاره ٿيڻ سبب 70 سيڪڙو ڀارت اونداهي ۾ ٻڏي ويو آهي.