راولپنڊي -10 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج آپريشن ”بنيان مرصوص“ ۾ پاڪستاني الفتح ميزائيل جي لانچ کي شهيد پاڪستاني ٻارن جي نالي ڪري ڇڏي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت جي بزدلاڻين حملن کان پوءِ پاڪستان طرفان جوابي وار لاءِ شروع ڪيل آپريشن ”بنيان مرصوص“ ۾ استعمال ٿيل بيليسٽڪ ميزائيل الفتح کي انهن معصوم ٻارن نالي ڪيو جيڪي ڀارت جي بزدلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويا هئا، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي، ته پاڪستان انهن معصوم ٻارن جي شهادت کي ناهي وساريو ۽ نه ئي وساريندو، اهي پاڪستاني معصوم ٻارڙا ڀارتي جارحيت ۾ شهيد ڪيا ويا هئا.