راولپنڊي -10 مئي (اي پي پي)پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان پوري طاقت سان آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي شروعات ڀارت جي انهن بيسز کي هدف بڻائيندي ڪيو ويو جتان پاڪستان جي مسجدن، عورتن ۽ ٻارن تي حملا ڪيا ويا هئا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان 3 فتح ميزائيل فائر ڪيا ويا جن جو هدف بياس جي علائقي ۾ براهموس اسٽوريج سائيٽ، ايئر بيس اڌم پورا ۽ پٺان ڪوٽ ايئر فيلڊ هو، انهن ٽنهي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي پنهنجي ميزائيل سان ڪامياب نشانو لڳائيندي ڀارتي برگيڊ هيڊ ڪوارٽرز جي، جي ٽاپ ۽ سپلاءِ ڊيپو اڙي کي تباهه ڪيو ويو.