سوات-27 اپريل (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي
وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو عوام پنهنجي فوج سان گڏ
بيٺل آهي، پختون پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ پهرين قطار ۾ بيٺل هوندا، انڊيا جو
سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جو بيان احمقاڻو آهي ۽ هي هڪ عالمي
معاهدو آهي جنهن کي هڪطرفي طور ختم نٿو ڪري سگهجي، اسان انڊيا جي
هر ڌمڪي ۽ هر سازش جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان مسلم
ليگ (ن) جي قيادت هميشه سياست تي ملڪ جي مفادن کي ترجيح ڏني آهي.
سوات ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄوڪي جلسي ۾ هزارين
ماڻهن جي شرڪت تي مقامي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، درجنين
ڪٽنبن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي انهن جي ڪٽنبن کي
مبارڪون ڏيان ٿو ۽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. وفاقي وزير چيو ته
مٽه سوات کان اڄ جيڪا تبديلي جي هوا هلي آهي انشاءُ الله اڳتي پوري صوبي ۾
پکڙجي انقلاب آڻيندي، سوات ۾ گئس جو پائيپ لائين اڄ به موجود آهي پر
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي محنت جو نتيجو آهي، سوات ۾ گرڊ اسٽيشن جو قيام
به پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪارنامو آهي. مٽه ۾ گرڊ اسٽيشن جي قيام لاءِ
هتي جيڪو سيڪشن فور لڳو هو اهو اڳوڻي وڏي وزير ختم ڪيو هو، وفاقي
وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۽ اڳوڻي فاٽا جو عوام پهرين کان پاڪستان جي بچاءُ
لاءِ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هاڻي به سمورا پختون پنهنجي وطن
جي دفاع لاءِ پهرين قطار ۾ بيٺل آهن.