اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ڊي جي خان ايئرپورٽ کي عالمي اڏامن لاءِ اپ گريڊ ڪرڻ جي اعلان تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، ساڍا پنج ارب روپين جي لاڳت سان ايئرپورٽ جو توسيعي منصوبو جنوري 2028ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ڊي جي خان ايئرپورٽ جي توسيع منصوبي جي …
وزيراعظم طرفان ڊي جي خان ايئرپورٽ کي عالمي اڏامن لاءِ اپ گريڊ ڪرڻ جي اعلان تي ڪم شروع ٿي ويو آهي: وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ڊي جي خان ايئرپورٽ کي عالمي اڏامن لاءِ اپ گريڊ ڪرڻ جي اعلان تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، ساڍا پنج ارب روپين جي لاڳت سان ايئرپورٽ جو توسيعي منصوبو جنوري 2028ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ڊي جي خان ايئرپورٽ جي توسيع منصوبي جي جائزي جي موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جون ٽيمون منصوبي تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ايئرپورٽ جي رن وي جي توسيع سميت مختلف معاملن تي اڳڀرائي جاري آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير رن وي جي توسيع جي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ منصوبي تي جاري اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن چيو ته ڊي جي خان ايئرپورٽ کي عالمي اڏامن لاءِ اپ گريڊ ڪرڻ سان علائقي جي عوام کي سفري سهولتون ملنديون ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان ڊي جي خان جي ترقي لاءِ 4 اهم منصوبن جو اعلان ڪيو جن ۾ ايئرپورٽ جي توسيع، ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ، سيوريج جي ڊگهي مدي وارو منصوبو ۽ رستن جي توسيع شامل آهن، سيوريج جو منصوبو ايندڙ 50 سالن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته رستن جي بهتري ۽ ويڪرائي سان شهرين کي اچ وڃ ۾ آساني ٿيندي. انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ڊي جي خان جون بنيادي سهولتون بهتر ٿينديون ۽ علائقي جي ترقي کي هٿي ملندي. ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ طئي ٿيل منصوبي موجب ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ايران آمريڪا جنگ سبب گئس جي فراهمي ۽ دستيابي بابت پيدا ٿيل مشڪلات بجلي جي پيداواري لاڳت تي اثرانداز ٿي رهي آهي، جنهن سبب مهانگن ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جا مسئلا درپيش آهن، هن چيو ته حڪومت بجلي چوري، ۽ لائن لاسز تي ضابطو آڻڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي رهي آهي، ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽرانسفارمرز تي (اي پي ايم ايس) لڳايو پيو وڃي جنهن جو مقصد بجلي چوري جي نشاندهي ڪري لاڳاپيل علائقن ۾ موثر ڪارروائي ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته اي پي ايم ايس ذريعي بجلي چوڌري وارن مخصوص علائقن جي ٽرانسفارمرز جي نشاندهي ۽ ضرورت موجب کين بند ڪري سگهبو ته جيئن بجلي چوري ڪندڙ صارفين خلاف ڪاررائي جي نتيجي ۾ پوري فيڊر جي هزارن بجلي صارفين کي متاثر نه ٿيڻو پوي. ان جديد نظام سان بجلي چوري جي روڪٿام، لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي ورڇ واري نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 30 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ نقصانن وارن فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهندو ۽ بجلي چوري ڪندڙ يا بجلي جو بل ادا نه ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت بجلي جي نظام ۾ بهتري، نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ صارفين کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.










