اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) بئنڪن جي ڊپازٽس، مختصر مدي جي قرضن ۽ سيڙپڪاري ۾ سيپٽمبر 2026ع دوران ساليانو بنيادن تي اضافو ٿيو، جڏهن ته ماهوار بنيادن تي بئنڪن جي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق سيپٽمبر 2026ع جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 40.82 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سيپٽمبر 2025ع جي …
بئنڪن جي ڊپازٽس ۽ قرضن ۾ سيپٽمبر دوران ساليانو بنيادن تي اضافو، سيڙپڪاري ۾ ماهوار بنيادن تي گهٽتائي ٿي: اسٽيٽ بئنڪ
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) بئنڪن جي ڊپازٽس، مختصر مدي جي قرضن ۽ سيڙپڪاري ۾ سيپٽمبر 2026ع دوران ساليانو بنيادن تي اضافو ٿيو، جڏهن ته ماهوار بنيادن تي بئنڪن جي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق سيپٽمبر 2026ع جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 40.82 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سيپٽمبر 2025ع جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 35.21 ٽريلين رپيا هو. آگسٽ 2026ع جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر دوران بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ ماهوار بنيادن تي 4 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. سيپٽمبر 2026ع جي پڄاڻي تي بئنڪن جي مختصر مدي جي قرضن جو ڳاڻيٽو 15.38 ٽريلين رپين تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال سيپٽمبر جي 13.45 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 14.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ 2026ع جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر دوران بئنڪن جي مختصر مدي جي قرضن ۾ ماهوار بنيادن تي 6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ايس بي پي مطابق سيپٽمبر 2026ع جي پڄاڻي تي بئنڪن جي مجموعي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 40.13 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال سيپٽمبر جي 35.81 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 12.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته آگسٽ 2026ع جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر دوران بئنڪن جي سيڙپڪاري ۾ ماهوار بنيادن تي 2.5 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي. انگن اکرن مطابق سيٽپمبر 2026ع ۾ قرضن جي ڀيٽ ۾ ڊپازٽس جو تناسب 37.7 سيڪڙو رهيو جيڪو آگسٽ 2026ع ۾ 37 سيڪڙو هو، گذريل سال سيپٽمبر ۾ اهو تناسب 38.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو هو.










