اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان بي پناهه ترقياتي امڪان رکندڙ ملڪ آهي ۽ ان جو اسٽريٽجڪ هنڌ، وڏي مقدار ۾ قدرتي وسيلا ۽ نوجوان آبادي ۾ مسلسل اضافو انهن امڪانن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اڻٽر آهي. اها ڳالهه پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافن ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ٿيل …
پاڪستان ۾ انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ضروري آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان بي پناهه ترقياتي امڪان رکندڙ ملڪ آهي ۽ ان جو اسٽريٽجڪ هنڌ، وڏي مقدار ۾ قدرتي وسيلا ۽ نوجوان آبادي ۾ مسلسل اضافو انهن امڪانن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اڻٽر آهي. اها ڳالهه پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافن ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ٿيل خصوصي وڊيو ۾ چئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ آبادي ۾ اٽڪل 2 ڀاڱي ٽي ماڻهن جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي، ان لاءِ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان تبديلي ۽ ترقي جي هڪ متحرڪ قوت آهن، ان آبادياتي برتري کي حقيقي معاشي ثمرن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻي پوندي. نوجوانن لاءِ اهڙا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ ڊگهي مدي واري حصيدار جو بنيادي مقصد رهيو آهي. ايمافن چيو ته پائيدار ترقي جو هدف نجي شعبي کي اقتصادي ترقي کي محرڪ طور استعمال ۾ آڻڻ کانسواءِ حاصل نٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ نجي شعبي کي ترقي جي قابل بڻائڻ، ڪاروباري عمل کي آسان بڻائڻ ۽ توانائي جي لاڳت ۾ گهٽتائي سان گڏ ان جي اعتماد جوڳي فراهمي کي يقيني بڻائڻ بنيادي اهميت رکي ٿو. اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري حمير ڪريم ٻڌايو ته اي ڊي بي جي مدد سان پاڪستان ۾ ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ، ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڍانچاجاتي نوعيت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هي ڊگهي مدي واري حصيداري پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ خوشحال، جامع ۽ هر قسم جي بحران جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ مستقبل جي تعمير جي گڏيل ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي.










