اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچاءَ ۽ وقت سر سڃاڻپ لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي، ته ان جي وقت سر سڃاڻپ، موثر علاج ۽ عورتن جي صحت جي تحفظ لاءِ اهم آهي، ان جي درست ڄاڻ ۽ وقت سر سڃاڻپ سان قيمتي حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. انهن خيالن جو اظهار هن …
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علامتن ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچاءَ ۽ وقت سر سڃاڻپ لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي، ته ان جي وقت سر سڃاڻپ، موثر علاج ۽ عورتن جي صحت جي تحفظ لاءِ اهم آهي، ان جي درست ڄاڻ ۽ وقت سر سڃاڻپ سان قيمتي حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. انهن خيالن جو اظهار هن ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي علامتن ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، عورتن کي صحت جي مسئلن تي بنا جهجهڪ ڳالهائڻ ۽ وقت سر طبي مشورو وٺڻ جي ترغيب ڏني وڃي، ڇاتي جي ڪينسر جي علامتن کي نظر انداز ڪرڻ بدران مستند طبي ماهرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڇاتي جي ڪينسر خلاف آگاهي پکيڙيندڙ طبي ماهرن، ادارن ۽ سماجي ڪارڪنن جي خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر بابت صحيح ڄاڻ عورتن کي صحت جي حوالي سان بهتر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، عورتن جي صحت جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.










