وزيراعظم جي صدارت ۾ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ جاري سڌارن جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي ۽ لائيو اسٽاڪ جي لاءِ خصوصي بونڊيڊ ويئر هائوسز ۾ آندل درآمد ٿيل چوپائي مال کي ويليو ايڊيشن جي عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آهي ته لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي ترقي جي لاءِ نجي شعبي کي اڳتي وڌڻ گهرجي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي ۽ لائيو اسٽاڪ جي لاءِ خصوصي بونڊيڊ ويئر هائوسز ۾ آندل درآمد ٿيل چوپائي مال کي ويليو ايڊيشن جي عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آهي ته لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي ترقي جي لاءِ نجي شعبي کي اڳتي وڌڻ گهرجي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ جاري سڌارن جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جي هدايت ڪئي. لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ پاڪستان ۾ چوپائي مال جي افزائش،کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ اضافي ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي ترقي جي لاءِ 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ ۾ نجي شعبي جي ماهرن کي شامل ڪري ان کي موثر ۽ فعال اداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. هن لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جو پلان جلد کان جلد پيش ڪرڻ ۽ لائيو اسٽاڪ جي لاءِ خصوصي بونڊيڊ ويئر هائوسز ۾ آندل درآمد ٿيل چوپائي مال کي ويليو ايڊيشن جي عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته درآمد ٿيل چوپائي مال سان ويليو ايڊيشن جي ذريعي گوشت ۽ کير جي مصنوعات برآمد ڪئي وڃي، لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي ترقي جي لاءِ نجي شعبي کي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت، چوپائي مال جي جديد ۽ موثر ويڪسين جي پيداوار جو قومي سطح جو پلانٽ پنهنجي وسيلن سان قائم ڪري. وزيراعظم نيسنل ايگريڪلچرل ريسرچ سينٽر ۾ چوپائي مال جي ويڪسين جو پلانٽ قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي هڪ هفتي جي اندر پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي سان واڳيل روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڪوس گهرن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ چوپائي مال جي لاءِ دستياب ويڪسين ڊريپ کان منظور ٿيل نه آهي ان جي لاءِ ملڪ ۾ چوپائي مال جي لاءِ پيوريفائيڊ ويڪسين جي پيداوار جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته درآمد ڪيل چوپائي مال جي لاءِ خصوصي بونڊيڊ هائوسز قائم ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، ڄام ڪمال خان، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.