اسلام آباد-27 اپريل (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد
اسحاق ڊار چين جي سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي
ميمبر ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ
ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب محمد
اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي موجوده علائقائي صورتحال جي
تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن سان
گڏوگڏ پاڪستان خلاف بي بنياد ڀارتي پروپيگنڊا کي صاف لفظن ۾ رد ڪري
ڇڏيو. نائب وزيراعظم چين جي مسلسل ۽ پختي حمايت تي ٿورو مڃيندي پاڪ
چين دوستي موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي گڏيل ويزن لاءِ
پاڪستان جي مستحڪم عزم کي ورجايو. هن سڀني شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي
وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم تي زور ڀريو. ڌرين علائقائي امن ۽
استحڪام کي برقرار رکڻ، گڏيل احترام ۽ افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ هڪ
طرفي مڙهيل پاليسين جي گڏيل مخالفت ڪرڻ جي پنهنجي پختي عزم جو به
اظهار ڪيو. هن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي جي پنهنجي
گڏيل مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر سطح تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي به اتفاق
ڪيو.