بغداد – 16 اپريل (اي پي پي)عراق جي شهر نجف ۾ ڪاري مٽي جي طوفان سبب 250 ماڻهو ساهه ٻوساٽجڻ جو شڪار ٿي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق طوفان سبب نظر جي حد انتهائي محدود ٿي وئي ۽ ڏينهن ان وقت رات ۾ تبديل ٿي ويو . نجف جي صحت کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته طوفان سبب ڪيترائي ٽريفڪ حادثا ٿيا آهن. جڏهن ته ساهه ٻوساٽجڻ جو شڪار ٿيل ماڻهن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي . ٻئي پاسي عراق جي موسميات کاتي چيو آهي ته طوفان سبب نجف کان علاوه ملڪ جو ڏاکڻا ۽ مرڪزي علائقا به متاثر ٿيا آهن . موسميات کاتي چيو آهي ته طوفان سبب نظر جي حد هڪ ڪلو ميٽر کان گهٽ رهجي وئي جنهن سبب سمورن امدادي ادارن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون . موسميات کاتي چيو آهي ته امڪان آهي ته اڄ به نجف ۾ طوفان واري موسم هوندي.