پيرس -16 اپريل (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي واضح ڪيو آهي، ته غزه جي رهواسين جي تڪليفن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ئي باقي اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرائي سگهي ٿي. پرڏيهي خابرو اداري موجب فرانس جي صدر گذريل ڏينهن اسرائيل جي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهين کان پوءِ ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي، ته غزه جي شهري آبادي جنهن آزمائش مان گذري رهي آهي، ان کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. هن غزه ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي رستو کولڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. فرانس جي صدر جو اهو بيان اهڙي موقعي تي سامهون آيو آهي، جڏهن گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي، ته غزه جو بحران ضابطي مان نڪرندو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي هفتن کان غزه ۾ ڪا به امداد نه پهتي آهي. فرانس جي صدر چيو ته هن اسرائيل جي وزيراعظم کي چيو آهي، ته سمورن يرغمالين جي آزادي هاڻي به فرانس لاءِ هڪ مڪمل ترجيح آهي. هن چيو ته هو جنگ بندي سمورن يرغمالن جي آزادي، انساني بنياد تي امداد ۽ سياسي سطح تي ٻه رياستي حل وارن امڪانن کي ٻيهر کولڻ جي اميد رکي ٿو. واضح رهي ته فرانس جي صدر گذريل ڏينهن چيو هو ته جون ۾ انهن جي ملڪ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ڪانفرنس دوران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪيو هو.