تل ابيب-16 اپريل (اي پي پي) اسرائيل جي هوائي فوج جي پائليٽس کانپوءِ سامونڊي فوج جي ايليٽ ڪمانڊ يونٽ شايتيت 13 جي 200 اڳوڻن ۽ موجوده ميمبرن وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي نالي لکيل خط ۾ سمورن قيدين جي فوري واپسي جو مطالبو ڪيو آهي، پوءِ ڀلي ان لاءِ فوجي ڪاررواين کي ڇو نه روڪڻو پوي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڏينهن اهو خط جاري ڪيو ويو آهي. ڪمانڊوز يونٽ پاران اسرائيل جي وزير اعظم کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان اسرائيل جي سامونڊي فوج جي يونٽ شايتيت 13 جي موجوده ۽ اڳوڻن ويڙهاڪن 9 اپريل تي اسرائيل جي هوائي فوج جي پائليٽن پاران جاري ٿيل خط جي حمايت ڪريون ٿا. اسان يرغمالين جي فوري واپسي جو مطالبو ڪريون ٿا، پوءِ ڀلي ان لاءِ ويڙهه کي ڇونه روڪڻو پوي، ان کان اڳ اسرائيل هوائي فوج جي اٽڪل 1000 موجوده ۽ رٽائرڊ فوجي اهلڪارن هڪ خط ۾ غزه ۾ قيد يرغمالين جي واپسي جو مطالبو ڪيو هو، خط ۾ خدمتون ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو ويو پر ان ۾ حڪومت تي زور ڀريو ويو ته قيدين جي آزادي کي جنگ جي جاري رکڻ تي ترجيح ڏي. صحيح ڪندڙن جو موقف هو ته اها جنگ قومي سلامتي بدران هاڻي سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪم اچي رهي آهي. خط ۾ سمورن اسرائيلي شهرين کي حرڪت ۾ اچڻ جي دعوت ڏني وئي، اسرائيلي هوائي فوج جي سربراهه ميجر جنرل تومر بار ان خط کي شايع ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڇپائي گذريل ڏينهن مقرر هئي.