دبئي _ 16 اپريل (اي پي پي ) گڏيل عرب امارات جي شهر شارجه جي 52 منزل رهائشي عمارت جي هڪ ٽاور ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ماڻهو فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان اونچي رهائشي ٽاور ۾ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو اتي رهائش ڪري رهيا هئا. باهه هڪ ٽاور جي مٿين منزل ۾ لڳي هئي جنهن جو اطلاع ملندي ئي شهري دفاع جون ٽيمون اتي پهچي ويون . شهري دفاع جي ٽيمن سان گڏ پوليس ۽ رضاڪار فورس جا اهلڪار به اتي پهچي ويا جن ٽاور اندران ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ورتو جڏهن ته ٽريفڪ پوليس علائقي جي شاهراهن تي ٽريفڪ کي ٻئي پاسي منتقل ڪرايو ته جيئن باهه وسائڻ ۽ امدادي گاڏين جي اچ وڃ ۾ آساني ٿي . امن امان واري اداري جي ڊائريڪٽر باهه سبب ٿيل فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي . سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهري دفاع ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ٽيمون باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪري رهيون آهن جڏهن ته سروي ٽيمون به ان سلسلي ۾ مصروف آهن .