رياض- 15 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان بن عبدالله سان ايران ۽ شام جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو .پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده فيصل بن فرحان سان ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي پاسي شام جي پرڏيهي معاملن واري وزير تارڪين سيد اسعد الشيباني به سعودي پرڏيهي وزير سان رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي سميت خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .