برسلز _15 اپريل (اي پي پي)يورپي يونين فلسطينين لاءِ هڪ ارب 60 ڪروڙ يورو جي نئين ٽن سالن جي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ڪاياڪالس هڪ پوسٽ ۾ لکيو آهي ته اسان فلسطيني عوام لاءِ پنهنجي حمايت کي مضبوط ڪري رهيا آهيون. 2027ع تائين 1.6 بلين يورو اولهه ڪناري ۽ غزه پٽي جي مدد لاءِ ڏنا ويندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطيني وزيراعظم محمد مصطفيٰ يورپي ملڪن جي دوري تي لگزمبرگ پهتو جتي هن يورپي يونين جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي . هو يورپي يونين سان گڏ پهرين سياسي ڳالهين جي اجلاس ۾ فلسطيني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. رومي سمنڊ لاءِ يورپي يونين جي ڪمشنر ڊوبراوڪاسوئيڪا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مالي امداد فلطسطيني اٿارٽي جي سڌارن جي شرط سان مشروط آهي ڇو ته فلسطيني اٿارٽي مخالف ڌر طرفان بدعنواني ۽ بد انتظامي جي الزامن کي منهن ڏئي رهي آهي. يورپي ڪمشنر جا اهي ريمارڪس گذريل ڏينهن لگزمبرگ ۾ وزيراعظم محمد مصطفيٰ سميت يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن ۽ سينيئر فلسطيني اختيارين وچ ۾ پهريان “ اعلى سطحي سياسي ڳالهين “ کان اڳ سامهون آيون .