ڍاڪا-15 اپريل(اي پي پي)بنگلاديش جي عدالت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي ڀاڻيجي ۽ برطانوي پارليامينٽ ميمبر ٽيولپ صديق جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جو اينٽي ڪرپشن ڪميشن انهن الزامن جي جاچ ڪري رهيو آهي ته حسينه واجد ۽ سندس ڀاڻيجي ڍاڪا ۾ غير قانوني طور تي زمين حاصل ڪئي هئي ڍاڪا ۾ سينئر اسپيشل جج ذاڪر حسين اينٽي ڪرپشن ڪميشن طرف داخل ڪيل الزامن تي گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو. ميڊيا موجب 42 سالن جي ٽيولپ صديق کي سندس والده شيخ ريحانه ۽ ڀاءُ رضوان صديق سميت 50 کان به وڌيڪ ماڻهن جي گرفتاري جي وارنٽن ۾ نامزد ڪيو ويو هيو. ٽيولپ صديق جو چوڻ هيو اهي الزام مڪمل طور تي سياسي آهن. مونکي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن لنڊن ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت ناهي ته مان ڪجهه غلط ڪيو آهي. ٽيولپ صديق جي وڪيلن به الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو. قانوني فرم اسٽيفنسن هاروڊ هڪ بيان ۾ چيو ته واضح طور تي سندس خلاف ڪنهن به طرح جا الزام لاڳو ڪرڻ جو ڪو به بنياد ناهي. انهن الزامن ۾ قطعي طور تي ڪا به صداقت ناهي. هن برطانيه جي ليبر پارٽي جي حڪومت ۾ ٽريزري جي اڪنامڪ سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏنيون . بنگلاديش ۾ حسينه واجد ۽ سندس خاندان خلاف بدعنواني جي جاچ ۾ سندس نالو اچڻ کان پوءِ جنوري ۾ هن اهو عهدو ڇڏي ڏنو هيو. جاچ ۾ الزام هنيو ويو آهي ته ٽيولپ صديق جو خاندان 2013ع ۾ روس سان بنگلاديش ۾ هڪ نيوڪليئر پاور پلانٽ جي معاهدي ۾ ملوث هيو جنهن ۾ وڏي رقم جو غبن ڪيو ويو هيو.