آسٽن -14 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ گهر اندر ٿيل ڌماڪي سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي رياست ٽيڪساس جي گادي واري شهر آسٽن ۾ هڪ ٻه ماڙ عمارت اندر ڌماڪي سبب گهٽ ۾ گهٽ 24 گهرن کي نقصان پهتو، جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪرايو ويو آهي، جتي 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.