رياض-14 اپريل (اي پي پي ) آمريڪا جي توانائي واري وزير ڪرس رائٽ چيو آهي ته سندس ملڪ سعودي عرب سان توانائي جي شعبي ۽ سويلين نيو ڪلييئر ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار لاءِ هڪ شروعاتي معاهدي تي صحيحيون ڪندو . پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايٽمي توانائي جي شعبي ۾ سهڪار جا تفصيل هلندڙ سال جي آخر تائين سامهون ايندا . سندس چوڻ هيو ته مملڪت ۾ واپاري ايٽمي توانائي جي صنعت جي تعمير تي ڌيان ڏنو ويندو. ان تي هلندڙ سال حقيقي اڳڀرائي ٿيندي. سعودي عرب جي توانائي واري وزير آمريڪي هم منصب ڪرس رائٽ جي ڪنگ عبدالله پيٽروليم اسٽڊيز اينڊ ريسرچ سينٽر پهچڻ تي آجيان ڪئي. ڪرس رائٽ چيو ته سعودي عرب سان يقيني طور تي 123 ايٽمي معاهدا ٿيندا. هن چيو ته واشنگٽن مملڪت ۾ سويلين نيو ڪليئر انڊسٽري کي ترقي ڏيڻ لاءِ رياض سان گڏجي ڊگهي عرصي تائين سهڪار جي اميد رکي ٿو.