نئين دهلي _ 11 اپريل (اي پي پي) ڀارتي رياست بهار ۾ وڄ ۽ برف ڪرڻ سبب 25 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارتي اوڀر رياست بهار جي مختلف علائقن ۾ وڄ ۽ برف ڪرڻ سبب 25 ماڻهو فوت ٿي ويا . رياست جي وزير اعلى نتيش ڪمار فوت ٿي ويلن جي هر خاندان لاءِ 4 لک روپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي . بهار جي موسميات کاتي 13 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪندي مقامي ماڻهن کي ايندڙ 2 ڏينهن دوران خراب موسم دوران محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.