واشنگٽن – 11 اپريل (اي پي پي)آمريڪا ۽ ايران جي اڳواڻن وچ ۾ ايندڙ هفتي عمان ۾ ڳالهيون ڪيون وينديون . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس چيو آهي ته ايندڙ هفتي عمان ۾ ايران جي اڳواڻڻ سان ٿيندڙ ملاقات مان ايران جي سنجيدگي جو اندازو ٿي ويندو . هن اهو به چيو ته اها ملاقات ڳالهين لاءِ ايران جي ارادن جي شروعات هئي . هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اميد آهي ته انهن ڳالهين سان امن قائم ٿيندو. هن چيو ته اسان بلڪل واضع آهيون ته ايران وٽ ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار نه هوندا ۽ مان سمجهان ٿو ته ان ملاقات جي اهميت نه اها ئي آهي.