گڏيل قومون-10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان امن ۽ انصاف جي اميد بحال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڏهاڪا پراڻي اسرائيل – فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ايندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ بامعنيٰ قدمن جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد فلسطين مسئلي جو پرامن ۽ ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس جي تياري لاءِ منعقد غير رسمي اجلاس ۾ چيو ته اسان جي خيال ۾ وچ اوڀر تڪرار تي جون ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ اسرائيل – فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل تي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي. فرانس ۽ سعودي عرب جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ اها ڪانفرنس جون ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيندي. پاڪستاني نمائندي ڪانفرنس جي تياري جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ته غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ بي مثال انساني المئي ۽ مصيبتن کي جاري رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. جون ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي سلسلي ۾ پاڪستاني نمائندي ان ڳاله تي زور ڀريو ته غزه ۾ جنگ بندي کي بحال ۽ مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ گهرجي،ناڪا بندي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي پهچ جي ضمانت ڏني وڃي، شهرين ۽ انساني همدردي جي عملي کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطينين کي زبردستي بي گهر ڪرڻ يا انهن جي سرزمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ۽ موثر طريقي سان روڪڻ گهرجي. هن چيو ته او آءِ سي ۽ عرب گروپ طرفان غزه جي نئين سر تعمير جي توثيق ٿيل منصوبي کي عالمي برادري جي مڪمل حمايت سان عمل ۾ آڻڻ گهرجي. فلسطيني پناهگيرن جي سارسنڀال لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي کي ڪنهن به رڪاوٽ کانسواءِ پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ فعال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪانفرنس کي ٻه رياستي حل طرف ناقابل واپسي اڳڀرائي پيدا ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ فلسطين رياست کي مڪمل طور تي تسليم ڪرڻ ۽ گڏيل قومن ۾ انهن جي ميمبرشپ شامل آهي